ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي و??ير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ م??اثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي و??ير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ م??اثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي و??ي آهي جڏهن ته ٻوڏ م??اثرن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي و??ير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ م??اثر ضلعن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ان??ن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ م??اثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں