ڊي آءِ خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پنهنجي ڊي آءِ خان دوري ۾ ساگو پل تي ڪم جي رفتار جو م??ائنو ڪيو ۽ منصوبي تي تيز رفتاري سان ڪم ڪرڻ تي لاڳاپيل عملدارن جي خدمتن کي ساراهيو. و??ير??عظم پنهنجي دوري ۾ پل جي ??ختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي ڪم جي رفتار جو جائزو پڻ ورتو. پل معائني جي ??وقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو م??ڪزي امير مولانا فضل الرحمان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ و??ير??عظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ و??ير??عظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ پل کي جلد ٽريفڪ جي ??اءِ کوليو ويندو. و??ير??عظم ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ مواصلاتي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي ??نصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو. و??ير??عظم اتي خيمن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين کي پڻ هٿ هلايو. واضح رهي ته ڊي آءِ خان ۾ تازي طوفاني برسات سان پل لڙهي وئي هئي. تازي ٻوڏ کانپوءِ و??ير??عظم جو ڊي آءِ خان جو هي ٻ??و دورو آهي ان کانسواءِ هن ٽانڪ، نوشهره، چارسده، سوات ۽ ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ذاتي طور تي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز جو م??ائنو ڪيو.
وزيراعظم ڊي آءِ خان دوري دوران ساگو پل تي ڪم جي رفتار جو معائنو ڪيو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز