اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو مل?? به موسمياتي تبديلين کان متاثر ??ي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چي?? ته هو پاڪستان جي عوام جي لاءِ اجنبي نه آهي، پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، اڄ کان 17 سال اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه ه?? ته هن افغان پناهگيرن جي لاءِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود 60 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چي?? ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مش??لاتون برداشت ڪيون آهن، ان دوران به هو پاڪستان آيو جڏهن سوات مان لکين ماڻهو دهشتگردي جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چي?? ته پاڪستان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي سانحو درپيش آهي، اي??ري قدر وڏي ڪاٿي جي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ??يا آهن، ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا آهن، انهن جا گهر، روزگار، فصلون تباهه ٿي ويون آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چي?? ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چي?? ته پاڪستان انهن مل??ن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ ڪو حصو نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ??يو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين کي روڪڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ??يو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي معترف آهي، پاڪستان انهن ڪجهه مل??ن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته هن مش??ل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چي?? ته اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتتي آفتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو مل?? به موسمياتي تبديلين کان متاثر ??ي سگهي ٿو. هن چي?? ته عالمي برادري کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته هو عالمي برادري کي هن مش??ل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي ان جا ٿورا مڃيندي چي?? ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت جو شڪار آهي، ان موقعي تي پاڪستان جو ان پاران پاڪستان جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پاڪستان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو مش??ل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿ?? ته هن پنهنجي سچي دل سان ڳالهه ڪئي آهي، ان جي ڳالهين مان لڳ?? ته هو هڪ درد دل رکندڙ پاڪستاني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته هو گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ مل??ي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي جي شفافيت سان استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena