صحب?? پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقي صحب?? پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪيو وڃي، متاثر علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ٻوڏ تي سياست نه ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحب?? پور جو دورو ڪيو جتي کيس ٻوڏ جي تباهين، متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته صحب?? پور بلوچستان ۾ ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي نقصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، متاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڍائي لک وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان کانسواءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پيناڊول ۽ مليريا جون دوائون موجود آهن هتي نانگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان تي ضابطو آندو ويو آهي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جاري آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، مقامي ايم پي اي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چ??و ته هتي ماڻهن جا گهر ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چ??و ته هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بحالي جي حوالي سان مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته هنگامي امدادي ڪمن جي لاءِ وفاق کان وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بحالي جي حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون آهن جڏهن ته شهري علائقن ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين جي بحالي لاءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چ??و ته وفاق کان جيڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ٻوڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان آهي، ٻوڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان کان وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي مشينري فوري طور فعال آهي، صحب?? پور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم چ??و ته فوري طور تي هيليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون بوتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم چ??و ته وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.
وزيراعظم پاران صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت، ٻوڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان آهي، ٻوڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان کان وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino