واشنگٽن-05 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خان فنڊريزنگ تقريب دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي تي روشني وجهندي چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن .انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن جيڪي هن وقت عارضي پناه گاهن ۾ رهن ٿا. اها فنڊ ريزنگ تقريب ڪينيڊا جي چيريٽي تنظيم ريفيوجي گرلز ورلڊ وائڊ ( آر جي ??ليو ) جي ??هتمام هيٺ منعقد ڪئي وئي جيڪا ترڪي ، فلسطين ، يوڪرين، پاڪستان ۽ ڪينيڊا ۾ پناهگير عورتن جي ??هتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستاني سفارت خاني پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب هن چيو ته ماحولياتي تبديلن سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهون عارضي پناه گاهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن انهن کي هن وقت شديد مشڪلاتون درپيش آهن هن مشڪل وقت ۾ عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ??رورت آهي تقريب ۾ اهم پاڪستاني شخصيتن ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي ??هديدارن شرڪت ڪئي هنن خاص طور تي آفتن دوران ڇوڪرين جي ??هتري لاءِ آر جي ڊبليو جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته گهٽ طبقي لاءِ اسان جي همدردي ۽ مدد اسان جي مذهب هجڻ ۽ انساني همدردي آهي پاڪستاني سفير چيو ته ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهون متاثر ٿيا آهن انهن مان 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 6 لک ڳورهاري عورتن مان 2 هزار عورتون روزانو غير محفوظ ۽ ??ير??حتمند حالتن ۾ ٻارن کي جنم ڏئي رهيون آهن . هن چيو ته معدي جي ??نفيڪشن ، ڊينگي بخار ، مليريا ۽ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ ٻين بيمارين سبب تباهي جي ??ندر هڪ ٻي تباهي پيدا ٿي وئي آهي هن ٻوڏ سبب ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشنز دوران امداد جي فراهمي تي آمريڪي حڪومت ، سول سوسائيٽي خاص طور تي سرهندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستان آمريڪن ڪميونٽي جو شڪريو ادا ڪيو عالمي برادري تي زو ڏنو ته نيئن سر تعمير ۽ بحالي ۾ مدد لاءِ عزم جو ارادو ڪري ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڪرسٽو فر جيسٽر ٻوڏ متاثرن لاءِ آمريڪي امداد جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير ممڪن بنائڻ لاءِ جديد طريقن جي ??رورت آهي پاڪستاني سفير مسعود خان پاڪستان جي موحولياتي تبديل?? سبب متاثر ماڻهن لاءِ آر جي ڊبليو جي ??فس هولڊرز جي ڀرپور ڪوشسن کي ساراهيو.
ماحولياتي تبديلين سبب ٻوڏ سبب بي گهر عورتون ۽ٻار شديد مشڪلاتن ۾ آهن پاڪستان جي سفير مسعود خان جو واشنگٽن ۾ فنڊريزنگ تقريب سان خطاب
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil