پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن نئين عالمي ??الياتي معاهدي جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪوپ – 27 جي شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته شرم الشيخ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي عزم سان عالمي سطح تي هڪ اهم اڳڀرائ?? جو بنياد رکيو آهي، شرم الشيخ ۾ جنهن سياسي عزم جو اظهار ڪيو ويو، اهو ترتيبوار اڳتي وڌي رهيو آهي. ٻنهي ڀائر اسلامي ??لڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل رابطو ??رقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha