گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائونسل ??ي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، ج??هن ۾ غزه ڏا??هن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏي??هن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل ا??هن چئن ڏي??هن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر ا??هن ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، نسل ??رست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڏ??هن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل خلاف ڪ??هن به فورم تي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، ا??هن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏ??هن ۽ انسانيت خلاف ڏ??هن جي جوابدهي کا?? بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏي??هن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی