اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عن??رن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري قوم کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪست??ني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪست??ني قوم کي ان دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عن??رن اسان جي قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان جي پوي??ن اها بزدلاڻي سوچ هوندي آهي ??يڪ?? پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ڪري سگ??ي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪست??ني قوم جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني قوم جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگ??ي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عن??رن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عن??رن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي ??يڪ?? پاڪستان کي نقصان پهچائي سگ??ي.
وزيراعظم پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن