اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته سي پ??ڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي. 2013ع ۾ ان ??ي افتتاح کان هاڻي تائين ٻئي ملڪ گڏيل مشاورت، گڏيل تعمير ۽ گڏيل شيئرنگ جي اصولن مطابق سي پيڪ منصوبن جي تعمير کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ ان ??والي سان ڪيترائي شروعاتي ثمر حاصل ڪيا ويا آهن، جن جي ڪري نه صرف پاڪستان ??ي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي پر خطي ۾ گڏيل رابطي ۽ ضم ٿيڻ جي عمل لاءِ به سٺو بنياد وڌو ويو آهي. سي پيڪ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چئني موسم جي دوستيءَ جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت بڻجي چڪو آهي. اها راهداري ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين دؤر ۾ چين پاڪ هم نصيب معاشرو جوڙڻ ۾ اهم حمايت به فراهم ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن چائينا ميڊيا گروپ مطابق چيني صدر چين پاڪ اقتصادي راهداري جي افتتاح جي 10هين سالگره تقريب تي مبارڪباد جي پيغام ۾ زور ڀريو ت?? مستقبل ۾ چين پاڪستان ??ان گڏجي اعليٰ معياري، پائيدار ۽ عوام دوست هدفن تي قائم رهندي منصوبا بندي ۽ انتظامن کي بهتر بنائڻ ۽ سهڪار کي واڌ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽ?? جي اعليٰ معيار کان گڏيل تعمير جي شعبي ۾ هڪ مثالي منصوبو بنايو وڃي.
سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں