گڏيل قومون _ 15 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن ??يو آهي ته غزه ، رفع ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيلي بمباري ۾ اضافو پريشان ڪندڙ ۽ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي ??راهمي ۾ رڪاوٽ آهي . ان علائقي جي ??هرين سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيو گوتريش جي ??ائب ترجمان فرحان حق گذريل ڏينهن ميڊيا بريفنگ دوران چئي . هن چيو ته هڪ طرف اسرائيل جنگ رفع ۽ ٻين هنڌن تي بمباري ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي پاسي غزه کا?? اسرائيل خلاف راڪٽ حملا به شهرين کي امداد جي ??راهمي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن . اسان کي شهرين جو احترام ۽ تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو . سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي . هن ڌرين کا?? متاثرن تائين انساني بنيادن تي امداد جي رسائي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ رفع ڪراسنگ کي فوري طورتي کولڻ جي اپيل ڪئي .
غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي ، اسرائيلي بمباري امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي :گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ریل رش