اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين پاڪستان جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين پاڪستان جي تعمير لاءِ استادن سميت معاشري جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نئين پاڪستان جو خواب غريب ماڻهن جي ڀلائي کانسواءِ پورو نه ٿو ٿي سگهي، نئين پاڪستان جو سج جلد اڀرندو. استاد ڪانفر??س کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نئين پاڪستان جي تعمير ۾ تعليم، تربيت ۽ سخت محنت جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پرعزم آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت به 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر ??هن جڏهن ته گهرن ۾ چ??ئلڊ ليبر هڪ ڏوهه آهي ۽ گهرن تي ڪم ڪندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ هجڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج