اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي ??سي??بلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اه?? مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زميني حقيقتن خاص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اه?? فيصلو ڪيو آ??ي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرم?? ڪئي ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عوامي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر