اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ??ي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آب??د اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسنگ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئنڪنگ ۽ فنانسنگ جون سهولتون ??ڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده ??هي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ??ي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئنڪاري اسلامي قانونن موجب ٿي رهي آهي، اسلامڪ فنانسنگ جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گه?? آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.
اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria