اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ڏنو آهي ته باباءِ قوم قا??داعظم محمد علي جنا?? جي اصولن تي عمل پيرا ڪندي هر شعبي ۾ علم ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي ملڪ کي عروج تي پهچائين، عظيم ملڪ مضبوط ۽ منظم قومن پنهنجي محنت، عزم ۽ خلوص سان تعمير ڪيا، پاڪستان قا??د جي امانت آهي ۽ هاڻي نوجوان نسل جي ذميداري آهي ته هو ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ?? يوم قا??د جي مناسبت سان ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻارن کي تاڪيد ڪئي ته هو قائداعظم محمد علي جنا?? جي زندگي جو مطالعو ڪن ته ڪهڙي طرح هن پاڪستان جي قيام لاءِ بي لوث محنت ڪئي، هن چيو ته صرف اهڙي بلند ڪردار ۽ مضبوط عزم رکندڙ شخصيت ئي اها ڪاميا??ي حاصل ڪري سگهي ٿي جنهن کي هر ڪوئي ناممڪن سمجهندو هو. صدر والدين ۽ استادن تي زور ڏنو ته هو نوجوان نسل جي شروعاتي عمر کان ئي مضبوط ڪردار سازي ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪن ته جيئن هو مستقبل جا بهترين اڳواڻ ثابت ٿي سگهن.
ٻار قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪندي هر شعبي ۾ علم ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea