اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گنيش مندر ??ي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان هندستان نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت ا??ان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چ??ف جسٽس اف پاڪستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آهي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت ا??ان تي فرض آهي، ا??ان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پاڪستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پاڪستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ا??ان کي پاڪستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي و??ير چيو ته انشاءُ الله پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.
هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ