دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي را??طن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پا??ست??ن جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزيراعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيراعظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي ان??ها??ي اهميت ڏي ٿو ۽ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪر??، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري را??طن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پا??ست??ن جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پا??ست??ن جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پا??ست??ن جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم قطري سيڙپڪارن کي پا??ست??ن ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي را??طي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پا??ست??ن ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ??نه?? طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي را??طو برقرار رکندا. وزيراعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پا??ست??ن کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ