اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بد??ان مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضا??و ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتم??د وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد