اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي ل??ءِ 200 ??رب رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي ل??ءِ 150 ??رب رپيا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ??رب رپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي ل??ءِ 100 ??رب رپيا، يوٽيلٽي اسٽورز جي ل??ءِ 50 ??رب رپيا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ ج?? ل??ءِ 100 ??رب رپيا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي ل??ءِ 280 ??رب رپيا رک??ا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپيا امداد ڏني ويندي، 300 يونٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپيا گهٽ ڪري رهيا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، تعميراتي صنعت جي ل??ءِ خاص مراعاتي پئڪيج تيار ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي ل??ءِ به خاص پئڪيج تيار ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
وزيراعظم پاران ڪرونا وائرس جي اثرن جي حوالي سان معاشي پئڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر