اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظام کي خراب ڪر?? لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظام کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اس??ام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪر?? ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اس??يشنز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اس??يشنز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اس??يشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرول جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان