سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها ??وري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس?? پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ??ڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته ا??ان اليڪشن بندوق ??ان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن ??ان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ا??ان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان ??ان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس?? پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون ??ارا ڳوڙها ??هندي ڏسي ماڊل ٽائون ??اقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون ??لايون ??يون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، اليڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ل??ڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائي رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.
ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2