اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان ج??ري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي ??ختلف رهنما اصولن تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪي?? ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن هدايتن تي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪورونا وائرس جي ??ڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي ??ثبت ڪي??ن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪي??ز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي ??ڏي پئ??ان?? تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ سميت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئ??ان?? تي اطلاع ملي رهيا آهن.
اين سي او سي پاران ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ