پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي ??لائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاء?? رهائشي منصوبي جي ??فتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي ??والي سان مديني جي ??ياست جي مثال اسان جي ??امهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي ??ياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي ??امهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي ??الادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي ??هيو هو، پي ٽي آءِ جي ??وبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ??ميداري ورتي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي ??وام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي ??پورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي ??صديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي، قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي وئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔