اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ايل پي سان صرف آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڳالهيون ڪيون وينديون، قانون ٽوڙڻ تي وڌيڪ ڪابه رعايت نه ڏني ويندي نه ئي ناجائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي حڪمراني کي قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم يقيني بڻايا وڃن، ڪ??هن به گروپ کي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ ??جه?? جي اجازت نه ڏني ويندي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو 35 هون اجلاس هتي وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو ج??هن ۾ وفاقي وزيرن، قومي سلامتي جي صلاحڪار، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سرراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، آ??ِ بي ۽ ايف آءِ اي ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي اجلاس کي ملڪي اندروني صورتحال ۽ ٽي ايل پي جي احتجاج جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪ??هن به گروپ يا عنصر کي امن امان جي صورتحال بگاڙڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ ??جه?? جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٽي ايل پي جي احتجاج دوران جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانون جي عملداري ۾ خلل ??جه?? جي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. ڪميٽي پوليس جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي ۽ تحمل کي خراج تحسين پيش ڪيو ج??هن جا 4 اهلڪار شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ڪميٽي ورجاءُ ڪيو ته تحمل جو مطلب هر گز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پوليس کي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ دفاع جو حق حاصل آهي، رياست پرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿي ت??هن هوندي به ٽي ايل پي ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ رياستي عملدارن ۽ عام شهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو، اهو رويو قبول نه آهي،
ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رياست آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪندي ۽ ڪ??هن قسم جي غير آئيني ۽ ناجائز مطالبا تسليم نه ڪندي. وزيراعظم ۽ قومي سلامتي ڪميٽي ميمبرن امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي دوران پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪندي چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي معاوضو ۽ ا??هن جي ڪفالت يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت پوري طرح قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پٺيان بيٺل آهي ڇو ته اهي قانون جي حڪمراني قائم ڪرن ۽ عوام جو تحفظ ڪن ٿا. ڪميٽي قرار ڏنو ته ڪ??هن به گذريل حڪومت يا وزيراعظم ناموس رسالت صه ﷺ جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ اندروني ۽ عالمي سطح تي ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو هن حڪومت ڪيو، حڪومت ڪاميابي سان ان ايشوز کي گڏيل قومن، او آءِ سي، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي فورمن تي اجاگر ڪيو. رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد به اسلام جي خلاف منفي پروپيگنڊا کي رد ڪرڻ آهي. ڪميٽي ٽي ايل پي پاران ناموس رسالت ﷺ جي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ استعمال جي سخت مذمت ڪئي ج??هن جي ڪري فرقيواريت کي هوا ملندي آهي ۽ ملڪ دشمن عنصر فائدو کڻندا آهن. اربين مسلمان حضرت محمد ﷺ جي پاڪ ذات سان محبت ڪن ٿا ۽ عقيدت رکن ٿا ت??هن هوندي به ڪ??هن به ٻي اسلامي رياست ۾ ملڪيتن ۽ عوام کي نقصان نه پهچايو ويو. ٽي ايل پي جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو منفي تاثر ويو آهي.
ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ٽي ايل پي ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا پُرتشدد احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ۽ هر ڀيري غير حقيقي مطالبا ڪيا ج??هن جو مقصد صرف پنهنجي سياسي طاقت ۾ اضافو ڪرڻ هو، ٽي ايل پي جي قدمن سان ملڪي معيشت کي شديد نقصان پهتو ۽ رياست جي حڪمراني کي چئلينج ڪيو ويو ۽ امن امان ۾ خلل پيدا ٿيو. ان کانسواءِ ٽي ايل پي جي قدمن سان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي خواهشمند ٻين دهشتگرد گروپن جو مورال بلند ٿيو. قومي سلامتي ڪميٽي متفقه طور تي ان عزم کي ورجايو ته رياست جي خودمختياري کي هر قسم جي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکيو ويندو. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ٽي ايل پي سان صرف آئين ۽ قانون جي دائري ڪار ۾ رهندڙ ڳالهيون ڪيون وينديون. ٽي ايل پي کي قانون ٽوڙڻ تي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪ??هن قسم جا ناجائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا. رياست جي حڪمراني کي چئلينج ڪرڻ جي ڪ??هن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي حڪمراني کي قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم يقيني بڻايا وڃن.