اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري نواز شر??ف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شم??م جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نواز شر??ف ۽ مريم نواز جي سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ تمام وڏو حملو آهي جيڪو شر??ف خاندان پاران ڪيو ويو آهي، (ن) ليگ جي ناصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ٺاهي هئي اڄ تائين ان کي بطور ثبوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. هو وزيراعظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳ??لهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) ليگ جو شيوو آهي، (ن) لي?? ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جا پراڻا طور طريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي وڊيو اڄ تائين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدائين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سدائين جي لاءِ چونڊ ڌانڌلي جو رستو روڪڻ وڃي رهي آهي.
وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن