پنڊ داد?? خان – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائيندڙن ٻه، ٻه هزار رپين ۾ ووٽ خريد ڪيا جيڪو شرمناڪ قدم آهي، وزيراعظم عمرا?? خان ۽ تحريڪ انصاف انهي نظام جي خلاف بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان سڀ کان وڌيڪ گهٻراهٽ به انهن ئي ماڻهن کي آهي، 2016ع ۾ به (ن) ليگ پنڊ داد?? خان ۾ ماڻهن کي پئسن جي لالچ ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ جي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي نوٽيس جاري ڪندو. عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ جو چونڊ طريقو ئي ڌانڌلي تي ٻڌل آهي، اهي ماڻهو ڪنه?? خاص مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ 1990ع جي اليڪشن ڌانڌلي سان کٽي، اها ڌانڌلي سپريم ڪورٽ به ڊڪليئر ڪري چڪي آهي. چو??ري فواد حسين مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي مشورو ڏنو ته اهي فلمون ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏين، سياست انهن جي وس جي ڳا??هه نه آهي. هن چيو ته جڏهن به انهن جي خلاف ڪو ڪيس کلي ٿو ته ڪا نه ڪا وڊيو سامهون اچي وڃي ٿي، بعد ۾ خبر پوي ٿي ته اها وڊيو جعلي هئي. هن چيو ته (ن) ليگ اهڙن حربن سان عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جي هر علائقي ۾ فوجي ۽ غازي موجود آهن، فوج جا جوان سيني تي گولي کائڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا، ڇاتي تاڻي سرحدن تي بيٺل هوندا آهن، انهن کي ڪير بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاناما پيپرز ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو، انهن جون ملڪيتون اهڙن علائقن ۾ سامهون آيون جتي برطانيا جو وزيراعظم به شايد ملڪيت خريد نه ڪري سگهي، انهن ملڪيتن جي انڪشاف کانپوءِ مريم نواز چيو ته ان جي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت نه آهي. چو??ري فواد حسين چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز وٽ انهن ملڪيتن جا ثبوت ئي موجود نه آهن، رسيدون آهن ته اهي سامهون آڻين، نه آهن ته انهن کي ڦريل پئسو واپس ڪرڻو پوندو يا جيل وڃڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ عمرا?? خان جي مقابلي جو ڪو ليڊر موجود نه آهي، گوادر، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت پوري ملڪ ۾ عمرا?? خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، جيڪڏهن ڪير ملڪ کي ترقي ڏئي سگهي ٿو ته اهو عمرا?? خان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا وفاق جي علامت آهي، عمرا?? خان واحد ليڊر آهي جيڪو فرقيواريت ۽ صوبائيت جي ڳا??هه نه ٿو ڪري، رڳو پاڪستان جي ڳا??هه ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي اهڙي نه آهي جيڪا سمورين سيٽن تي پنهنجا چونڊ اميدوار بيهاري سگهي، پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي بڻجي رهجي وئي آهي. چو??ري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، ايندڙ اليڪشن ۾ به ان جو ڪو مقابل نه آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻن دورن ۾ ڪئي ويندڙ ڪرپشن آهي، اڳوڻي دور ۾ ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ اڄ معاشي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته تعلقي پنڊ داد?? خان کي ٽن سالن دوران اسان جهڙي طريقي سان تبديل ڪيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، پنڊ داد?? خان ۾ 61 ارب رپين جا منصوبا ٽن سالن دوران ڏنا ويا، 43 ارب رپين جي جلال پور واهه منصوبي سان علائقي ۾ لکين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي. مارچ 2023ع ۾ ان منصوبي جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويندو ۽ زمينن کي پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون هن علائقي جي ماڻهن کي چيو هو ته اهي پنهنجون زمينون وڪرو نه ڪن، اڄ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتان جي زمينن جي ريٽ ۾ به اضاف ٿيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ ٻارن جي لاءِ تعليمي ادارن جون سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام سان ٻارن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ بين علائقن ۾ وڃڻو نه پوندو. ان موقعي تي علائقي جي معززين پڻ خطاب ڪيو ۽ تڪ جي ترقي جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. علائقي جي اڳواڻن چيو ته تڪ جي 50 سالا تاريخ ۾ ڪو اهڙو ليڊر نه آيو جنهن چو??ري فواد حسين وانگر علائقي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا هجن. هن چيو ته چو??ري فواد حسين اسان جي چونڊ آهي، انشاءَ الله سندس سرپرستي ۾ هي خطو ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو.
ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائيندڙن ٻه، ٻه هزار رپين ۾ ووٽ خريد ڪيا جيڪو شرمناڪ قدم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا