اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي ??ار?? صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پر??انٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ?? ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذمي??ار?? کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذمي??ار?? کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پر??انٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙ?? سريلنڪا جي شهري پر??انٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : apostas quina