اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ و??ير??عظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. و??ير??عظم عمران خان و??ير??عظم هائوس اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان م??قعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ و??ير??عظم عمران خان معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ??و تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف و??ير??عظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد ??و تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر و??ير??عظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ن??يڪ??ائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت ??ي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف ??و تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته و??ير??عظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان م??قعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ و??ير??عظم عمران خان سان م??اقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.
ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب