اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ??ئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ??ئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آف??س سنڀاليندي ئي عو??م کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪ??ا، هن هدايت ??ئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ??ئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عو??م کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ??ئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.
وزيراعظم شهباز شريف ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل ۽ سرڪاري آفيسُون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم