اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق (1) (بي) تحت اليڪشن ترميمي بل 2022ع وزيراعظم کي پارل??ام??نٽ ۽ ان جي ڪميٽي (ايس) پاران نظرثاني ۽ تفصيلي غور ويچار لاءِ واپس ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ??سلامي جمهوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي ڇو ته ??ل کي پارل??ام??نٽ ۾ آڻڻ کان اڳ صدر ??ي ان قانونسازي جي تجويز کان آگاهه نه ڪيو ويو، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سموري قانونسازي جي تجويزن کان صدر کي باخبر رکندو جيڪي وفاقي حڪومت مجلس شوريٰ (پارل??ام??نٽ) جي سامهون آڻڻ جو ارادو رکندي هجي. صدر چيو ته ??نهن ترميمن کي قومي اسيمبلي 26 مئي ۽ سينيٽ 27 مئي تي تڪڙ ۽ مناسب ڏاهپ کانسواءِ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي محنت جي ڪمائي جو حصو وجهندا آهن، ان حقيقت جي باوجود 1990ع کانپوءِ مختلف وزيراعظمن ۽ صدرن پاران ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران انهن سان ڪيل واعدن جي باوجود کين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو آهي، صدر چيو ته ??پريم ڪورٽ آف پاڪستان 2018ع ۾ اوورسيز پاڪستانين جي راءِ حق بابت پنهنجي 2014 جي پهرين فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان کان ٻاهران ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??دالت ان وقت آءِ ووٽنگ جي توثيق ڪئي هئي جڏهن آءِ ووٽنگ جي طريقيڪار کي ٽئين ڌر جي ذريعي محفوظ، معتبر ۽ قابل ڀروسو قرار ڏنو ويو هو جنهن ??ي ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نادرا محفوظ ۽ قابل عمل هجڻ جو تعين ڪرڻ لاءِ ان کي موڪليو هو جنهن تي عدالت آءِ ووٽنگ کي هڪ پائليٽ پروجيڪٽ ۾ استعمال لاءِ منظور ڪيو. صدر چيو ته ??ليڪشن ڪميشن پاران 2018ع جي ضمني چونڊن جي پروگرامن جي حوالي سان جاري ڪيل تاريخ2018/08/17 جي نوٽيفڪيشن موجب 37 تڪن (قومي ۽ صوبائي) جي ضمني چونڊن 2018/10/14 تي ٿيڻيون هيون، جيتوڻيڪ بعد ۾ ضمني چونڊون (جيڪڏهن ڪي آهن) جهڙوڪ ايڪٽ سيڪشن 94 موجب پائليٽ پروجيڪٽس لاءِ ??ونڊون ڪرايون وينديون ته ??يئن اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جي قابلب ڻائي سگهجي جيڪو بنا شڪ جي کين ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻائي ٿو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته ??پريم ڪورٽ 2014ع ۾ پنهنجي فيصلي باوجود سسٽم جي استعمال نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ڇو ته ??وورسيز پاڪساتنين جي ووٽ جو حق اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ لکيل آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??در کي قانونسازي جي جي تجويزن کان آگاهه نه ڪري آ.ئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي، جلد بازي ۾ 26 مئي تي قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي تي سينيٽ مان منظور ٿيو، هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. هن چيو ته ??ئين جي آرٽيڪل 17 ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي روزاني 8.5 ڊالر جي محفوظ ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي، پاڪستان جي ووٽنگ مشين ۾ پيپر ٽريل جو پورو سسٽم آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بليٽ پيپر جي پڇائي ۽ ڳڻپ ۾ مدد ڏيندي آهي. صدر چيو ته ??ڪستان ۾ هر اليڪشن جا نتيجا چئلينج ڪيا ويندا آهن ۽ هر حڪومت تي الزام لڳندا آهن، نيون ترميمون هڪ قدم اڳتي وڃڻ ۽ گهٻرائي پوئتي ٿيڻ جي برابر آهن، ترميمون اليڪشن ۾ شفافيت ۽ بهتري آڻڻ جي ٽيڪنيڪي عمل ۾ غير ضروري دير آڻڻ جي برابر آهن، هن سفارش ڪئي ته پارل??ام??نٽ ??ي انهن قانونن تي پوئتي نه هٽڻ گهرجي، حقيقت ۾ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر وقت تي ئي انهن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي.
صدر اليڪشن ترميمي بل 2022ع نظرثاني ۽ تفصيلي غور ويچار لاءِ واپس ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha