اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 12 و??ي ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندو. ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قد??ن، شڪايتن ۽ دادرسيءَ بهتر بڻائڻ تي مشاورت ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن ??ي ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي ڪ??ن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي تڪ وارن امدادي ڪمن تي مامور ڪندو. اجلاس جو مقصد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪارروا??ي ۾ تڪن جي سطح تي حصيداري عمل کي بهتر بڻائڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کڑک