اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار ??ڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ??هي جڏهن ته جرمني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفرڊ گراناز ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جرمن سفير کي پاڪستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ??رمني سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ناڻي واري وزير ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ??احول فراهم ڪري رهي ??هي ۽ جرمني جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ناڻي واري وزير جرمني جي سفير کي پاڪستان ۾ چوماسي جي تازين برساتن ۽ شديد ترين ٻوڏ سب?? جاني ۽ مالي نقصان ??ي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير ناڻي واري وزير جو ٿورو مڃيو. هن پاڪستان ??ان مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جرمني جي سفير تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ??ي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته جرمني امدادي ڪاررواين ۾ پاڪستان ??ان مڪمل تعاون فراهم ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڌرين مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ناڻي واري وفاقي وزير سان جرمن سفير جي ملاقات، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مڪمل سهڪار جو اعلان
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار