اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معاملن واري آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آمريڪا ۾ پاڪست??ن جو سفير مسعود خان ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان قدم آمريڪي مدد ۽ پاڪ آمريڪا واپا??ي لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تازي ٻوڏ دوران آمريڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن واپا??ي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. آمريڪي واپاري معاملن واري خصوصي نمائندي دلاور سيد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری