ڪراچي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2000، حيدرآباد ۾ 7000، مٽياري 500، سجاول 1000، لاڙڪاڻو 5000، شڪارپور 800، سکر 3500، سانگهڙ 2200 ۽ ميرپورخاص ۾ 1500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1528134 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب وڌيڪ 1500 خيما ۽ ٻيو ??ام??ن ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 603719 خيما، 535317 پلاسٽڪ ترپال، 3140186 مڇردانيون، 800733 ليٽر منرل واٽر، 118123 تيار ٿيل کاڌي جو ??ام??ن ۽ ٻيو ??ام??ن فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 8628 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 265039 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 76721 ٻار ۽ 59915 عورتون شامل آهن، جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 779 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59300 ??يو??ڪ ۽ ڇوڙ 49900 ??يو??ڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 47500 ??يو??ڪ ۽ ڇوڙ 37000 ??يو??ڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ??يو??ڪ ۽ ڇوڙ 57500 ??يو??ڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن