اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي تباهيون تڪليف ڏيندڙ آهن، متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نيشنل فلڊ ??يسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان وسيلن ??ان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ کان اهميت رکندڙ ملڪ آهي، گڏيل ڪوششن ۽ جذبي ??ان متاثرين جي خدمت جي قابل ٿياسين، ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال آندا ويا، هٿياربند فوج، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪموتن متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. نيشنل فلڊ ??يسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي آفيسرن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي خدمت ڪندڙن ??ان ملاقات فخر جوڳي ڳالهه آهي، ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال جي سربراهي ۾ نيشنل فلڊ ??يسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، احسن اقبال جي قيادت ۾ توهان سڀني ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ توهان سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ان لکين گهر تباهه ٿيا، 1700 جانيون ضايع ٿيون، بيٺل فصل برباد ٿيا، رستن ۽ ريلوي جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو هو، ڪيترن ئي ڳوٺن تائين پهچ ممڪن نه هئي جڏهن ته جهڙي طرح گڏيل ڪوشش ??ان پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، صوبائي ايجنسين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي هڪ جان ٻه دل ٿي ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ان جو اجر دنيا ۽ آخر ٻنهي ۾ ملندو، ان ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا، ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪو شاندار ڪم ڪيو، ان تي اين ايف آر سي سي مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويا، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز وڏي محنت ??ان ڪم ڪيو، احسن اقبال، شازيه مري، سردار اياز صادق، ناڻي واري وفاقي وزير سميت ٻين سياسي محاذ تي ڀرپور ڪم ڪيو. هن چيو ته جيڪو ماڊل هتي پيش ڪيو ويو آهي ان تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ڪم شروع ڪيو وڃي، اندرون سنڌ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ۽ سيوريج لائينون وڇائڻ جي تجويز مناسب آهي، ان حوالي ??ان ناڻي واري وفاقي وزير ??ان ڳالهه ڪندس، ا??ان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار رکڻو پوندو. هن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن نه رڳو پاڪستان پر ٻاهرئين ملڪ به ڳڻتي جوڳي لمحن ۾ بهترين ڪوششون ڪيون ۽ اهڙيون وڊيوز دنيا اڏو پيش ڪيون جن انهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وسيلن ??ان مالامال ملڪ آهي، رڳو ريڪوڊڪ جي ذخيرن مان اربين ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود ا??ان هتان سون ۽ ٽامي جا ذخيرا ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين، اهڙي طرح قومون ناهن ٺهنديون، اهڙي طرح ا??ان پنهنجي معاشري کي بااختيار نه ٿا بڻائي سگهون، ا??ان کي قرآن ڪريم جي تعليم موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪرڻو پوندو، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ قائداعظم جي ويزن موجب هلي ئي ا??ان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته گڏيل ڪوششن ۽ جذبي ??ان اهم متاثرين جي ??دد ۾ ڪامياب ٿياسين، اڳتي به انهي جذبي ??ان اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا، پاڪستان قدرتي وسيلن ??ان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ ??ان اهم ملڪ آهي، ٻوڏ تباهين تي ڏک آهي، متاثرين جي بحالي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان بدترين ٻوڏ ڏٺي جيڪا جديد تاريخ م موسمياتي تبديلي جي ڪري سڀ کان وڏي قدرتي آفت هئي جنهن جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو پاڪستان اڪيلو ان جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيو، وزيراعظم ڪوآرڊينيشن سينٽر جي چيئرمين جي حيثيت ??ان ڀرپور رهنمائي ڪئي ۽ متاثر علائقن ۾ جڳهه جڳهه ويو، ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ شامل سمورا ادارا گڏجي منصوبابندي ڪندا هئا، انتظاميا ??ان گڏجي قدم کنيا ويندا هئا. هن چيو ته انهن يسڀني جي محنت ??ان تمام وڏي امڪاني تباهي جو خطرو ٽري ويو، ٻوڏ کانپوءِ بيماري ??ان هزارين فوتگين جو خدشو هو جڏهن ته بهترين حڪمت عملي ??ان ان تي ضابطو آندو ويو، هڪ ٺوس ڪوشش ??ان ان صورتحال کان محفوظ رهياسين، ٻوڏ دوران سمورن ادارن گڏجي ڪم ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو.
ٻوڏ جي تباهيون تڪليف ڏيندڙ آهن، متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل