اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿ??ندي. ملاقات کان پهرين ت??جڪ صدر کي پاڪستان جي هٿيار بند فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿ??نديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ٿ??نديون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم ت??جڪ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل