اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ??يز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي ??عو?? ڏني و??ي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرا??ي آهي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي ڪل ج??اعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرا??ي آهي، اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿيندي. سمورن سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا ??عو?? ڏني و??ي آهي. وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ دفاع واري اڳوڻي وزير پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي وزيراعظم پاران عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي ??عو?? پهچائي. جڏهن ته وزيراعظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي شرڪت جي ??عو?? ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي ??عو?? ڏيان ٿو. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي پاٽي جي ن??مزد نمائندن جي ن??لن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.
وزيراعظم پاران اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت، پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa