اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير رابطا گروپ کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع ج?? ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقانوني والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواسين کي ڀارتي غيرقانوني والاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ??رڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي غيرقانوني والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گ??يل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع ج?? ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گ??يل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي موريطانيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن