اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کا??پوءِ ڪئي وئي آ??ي، ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته عمران خان نيب ڏانهن وڃي ها ۽ سمورن سوالن جا جواب ڏئي ها، جڏهن وارنٽ جي تعميل لاءِ ان حد تائين وڃڻو پوي ته ان جو انجام اهڙو ئي ٿيندو آهي، ڀڃ ڊاهه ڪري، دٻاءُ ۾ آڻي عدالتن کا?? رليف وٺڻ يا ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي اميد ڪرڻ ته هاڻي قانون جو رستو بدلجي ويندو اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي ان ۾ مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون جن??ن تي وضاحت ڪرڻ چاهي رهيو هئس، گذريل دور ۾ هڪ رواج پئجي ويو هو جڏهن کا?? نيب ڪو ايڪشن کڻندو هو، حڪومتي عهديدار ان بنياد بڻائڻ لاءِ وقت کا?? اڳ معلومات ڏيندا هئا. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري تي عدالت ۾ ڪارروائي هلي رهي آ??ي اتي سڀ شيون شيئر ڪيون ويون آهن. وڪيل طور سمجهان ٿو ته قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي، جڏهن معاملو جاچ هيٺ آهي، جيڪڏهن اوهان تعاون نٿا ڪريو، نوٽيس جو جواب نٿا ڏيو، انڪوائري مرحلي تي سوال نامن جا جواب داخل نٿا ڪرايو ته اهڙي صورت ۾ گرفتاري ئي واحد حل هوندو آهي، موجوده حڪومت نيب قانون کي وڌيڪ بهتر بڻايو، ان جي خلاف پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ به ويل آهي، چيو ويو ته هاڻي نيب قانون کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، انهي نيب قانون تحت اڄ جي ڪارروائي عملد ۾ آندي وئي آ??ي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو ته ڪنهن شخص خلاف انڪوائري هلي رهي آ??ي ته ان کي حفاظتي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي، اعلي عدالت ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ماضي واري نيب به هئي جيڪا گهرائيندي ڪنهن ٻي ڪيس ۾ هئي ۽ گرفتاري ڪنهن ٻي ڪيس ۾ ڪندي هئي، سيڙهيون لڳائي گرفتاريون ڪيون وينديون هيون، هاڻي اها نيب ناهي، قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آ??ي، گرفتاري وارنٽ جي تعميل ڪرائي وئي آ??ي. هن چيو ته عمران خان کي عدالت م پيش ڪري 5 کا?? 7 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويندو، هاڻي اها نيب ناهي جتي 90 ڏينهن جو ريمانڊ هوندو هو. هن چيو ته احتجاج سياسي قومن جو حق هوندو آهي پر جلاءُ گهيراءُ سان ڪڏهن به سياسي بياني کي سگهه نٿي ملي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ هر پاڪستاني جي ذميوار آهي ته هو قانون موجب پنهجو ڪنڊيڪٽ ڪري. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ جن??ن جي باري ۾ نيشنل ڪرائيم اٿارٽي برطانيه فيصلو ڪيو ته اها رقم حڪومت پاڪستان ڏانهن واپس وڃڻ گهرجي، ان وقت جي ڪابينا جي سامهون هڪ لفافو کولڻ کا??سواءِ منظوري ورتي وئي، ڪميشن جي شڪل ۾ ايراضي ورتي وئي ۽ ٽرسٽ بڻائي وئي جن??ن جي بينيفيشل عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ آهن، پهرين بابر اعواڻ ۽ زلفي بخاري ٽرسٽي هئا. هن چيو ته 8 مهينن کا?? انڪوائري هلي رهي هئي، نيب ڪيترائي ڀيرا نوٽيسز موڪليا ۽ ڪيترائي نوٽيسز چئلينج ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوال لاڳاپيل ناهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ نيب قانونن ۾ ترميمن کي چئلينج ڪيو پر اڳوڻي ۽ موجوده نيب چيئرمين جي مقرري کي چئلينج نه ڪيو، آئين ۽ قانون موجب ان جو مقرريون ٿيون. هن چيو ته نيب جي نوٽيسز تي جارحاڻي رويو ٻي طرف اختيار ڪيو ويندو رهيو، سڀ ڄاڻن ٿا ته وارنٽ تعميل تي پوليس وارن سان ڇا ٿيو . هن چيو ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڌيءَ سان گڏ ان ڪيس ۾ جي?? ڪٽيو جن??ن ۾ مريم نواز کي ميرٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪيو آهي. عدالت چيو ته ان ڪيس ۾ ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، هن چيو ته شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ضمانت ڏني ته هڪ ڪهاڻي بڻائي وئي ته ٽي ٽيز لڳائي اثاثا بڻايا ويا آهن، ان ڪيس ۾ نه رشوت نه مني لانڊرنگ جا ثبوت مليا، 26 ڪروڙ 10 لک جو فرق ڪڍيو ويو ان کا??پوءِ کيس ايف آءِ اي جي ذريعي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو ان ڪيس ۾ ايف آءِ اي عدالت جي اسپيشل جج 12 ڏينهن جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي ۽ آزاد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کا??پوءِ منهنجي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سان ڳالهه ٿي آ??ي، ڪجهه وڪيل زخمي ٿيا آهن، ان بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته جيئن آئنده اهڙا واقعا نه ٿين. هن چيو ته جڏهن ضمانتون خارج ٿينديون آهن ته عدالتي اڱڻ مان گرفتاريون ٿينديون رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ قياس آرايون ۽ افواهن جي بازار گرم آهي ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اصل صورتحال عوام جي سامهون رکي وڃي.
عمران خان جي گرفتاري سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪئي وئي، عمران خان نيب ڏانهن وڃي ها ۽ سمورن سوالن جا جواب ڏئي ها ته اها نوبت پيش نه اچي ها: سينيٽر اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر