اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن ??ڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف ??ڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪ??ي آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن ??ڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪ??ي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي ??ڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته ??ڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدا??ڪ جي لاءِ ڪم ڪن.
وزيراعظم پاران 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو، سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ