اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شه??دن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شه??د ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شه??دن جي فرض س??ن لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شه??دن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب