ڪراچي – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوا??اڻ?? تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي نظام ج?? بهتري جي لاءِ قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ??ئي ويندي. هو استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليج ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ ايجوڪيسن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان اڪيڊميا چوائس ايوارڊ 2023ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وفاقي وزير چ??و ته ڪانفرنس ۾ سم??رن صوبن جي تعليم وارن وزيرن ۽ ٻين ڌرين کي گهرايو ويندو ته جيئن ملڪ ۾ تعليمي نظام کي درپيش مسئلن تي دماغي طوفان ڪيو وڃي ۽ انهن جي حل لاءِ اتفاق راءِ جي بنياد تي حل ڳوليو وڃي. هن چ??و ته ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو واحد ذريعو تعليم آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي تعليم ج?? معيار کي وڌائڻ ۽ ان جي پهچ سم??رن شهرين تائين وڌائڻ جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا تي غور ڪرڻو پوندو. تعليم ج?? شعبي جي مسئلن کي اجاگر ڪندي هن 28 ملين کان وڌيڪ اسڪولن جي ٻارن جي داخلا، تعليم ج?? معيار ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، سکڻ جي عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ، استادن جي تربيت ۽ تعليم ج?? اصلاح جي لاءِ تعليم کي اولين ترجيح ڏيڻ جي قدمن تي زور ڏنو. مدد علي سنڌي چ??و ته نگران حڪومت ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ بطور وزير ان حوالي سان هڪ جامع ۽ مستقبل جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن تي ايندڙ چونڊيل حڪومت عمل ڪري سگهي. نگران وفاقي وزير چ??و ته هن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان گڏجاڻيون ڪيون آهن ۽ مختلف اسڪولن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو آهي ۽ مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا آهن. هن انهن سم??رين شخصيتن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو جن برطانوي حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۾ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ تعليمي ادارا قائم ڪيا ۽ چ??و ته اسان کي قوم ج?? ترقي جي لاءِ انهن جي نمايان خدمتن جو اعتراف ڪرڻ جي لاءِ انهن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن جو احترام ڪرڻ گرجي.
سڄي ملڪ ۾ تعليمي نظام جي بهتري جي لاءِ قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا