اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪ??تا?? جو پهريون سيٽلائيٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن م??دان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن، ان اهم ڪاميابي سان پاڪ??تا?? خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪ??تا?? جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلائيٽ خلا ۾ پاڪ??تا?? جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن م??دان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ??يو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان م??ي پاڪ چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪ??تا?? جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پاڪ??تا?? خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن ??يو ته اها ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪ??تا?? جي صلاحيتن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ نوان م??قعا پڻ پيدا ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خلائن کي به فتح ڪرڻ جي صلاحيت، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن ??يو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪ??تا?? به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪ??تا?? جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي وڃون ته جيئن پاڪ??تا?? ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.
ائٽمي ميدان وانگر خلائي ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ