اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي لاڳاپن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي قدمن سميت ??ڏي?? دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطل??عا?? واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو تعاون پاڪستان جي عوام جي ل??ءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪري رهي آهي. اطل??عا?? واري وف??قي وزير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي ل??ءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسو??ءِ نجي شعبي کي ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وف??قي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ فيڪ نيوز جي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطل??عا?? واري وف??قي وزير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز جو وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪاروباري طبقي جي سهولت ل??ءِ قدم پاڪستان کي جاپاني سيڙپڪارن جي ل??ءِ وڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.
وزيراعظم جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : sorteios quina