اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ مان اٽڪل 4 هزار شاگردن جي واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪمپني جوڙي آهي ته جيئن ان واقعي جا سبب جانچڻ سان گڏوگڏ اتان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مشن جي ڪردار جو جائزو ??ٺي سگهجي. جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) محمد سليم جي سربراهي ۾ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڪميٽي حقيتون ڄاڻڻ جي لاءِ پاڪستاني مشن ۽ ڪ??غز??تان حڪومت سميت لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي. هو بشڪيڪ مان واپسي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو ه??. اسحاق ڊار جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه جو دورو ڪري رهيو ه??، اتان پن??نجي ڪرغز هم منصب سان گڏ بشڪيڪ ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر پن??نجي رپورٽ پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته وفاقي وزيرن کي ڪرغز عملدارن جي تجويز تي بشڪيڪ جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ آستانه ۾ پن??نجي ڪرغز هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران هن تشدد کان متاثر پاڪستاني شهرين سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو اتي ويو. بشڪيڪ جي دوري دوران نائب وزيراعظم پاڪستاني پورهيت شاهزيب سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي جنهن کي ان واقعي ۾ ڄاڙي جو فريڪچر ٿيو ه??. بعد ۾ بشڪيڪ جي صحت واري کاتي جي عملدارن جي اجازت کانپوءِ هو پن??نجي خواهش تي نائب وزيراعظم جي خصوصي جهاز ۾ واپس پاڪستان آيو. نائب وزيراعظم کي ڪ??غز??تان عملدارن ٻڌايو ته تشدد جي انهن واقعن جو هدف رڳو پاڪستاني شهري نه هئا. جيتوڻيڪ ان معاملي کي ڪ??غز??تان جي صدر جي ذريعي اهو اعلان ڪرڻ کانپوءِ حل ڪيو ويو ته اڳتي اهڙي ڪنهن به تشدد جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي هوندي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڪ??غز??تان حڪومت انهن کي خاطري ڪرائي ته ڏوهارين کي سزا ڏني ويندي. جڏهن ته ڪجهه کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪ??غز??تان حڪومت غيرملڪي شاگردن کي پن??نجو معزز مهمان سمجهي ٿي جيڪي قومي معيشت ۾ پن??نجو حصو وجهن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته سندس درخواست تي ڪ??غز??تان عملدارن اٽڪل 1100 انهن پاڪستاني ورڪرز کي ريگيولرائيز ڪرڻ تي راضي ٿيا جن کي قيام جو مدو پورو ڪرڻ تي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو ه??. هن چيو ته انهن ڪرغز حڪومت کي ايجنڊا جي ذريعي نه پر حڪومت سان حڪومت جي طريقيڪار تحت پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت درآمد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. جنهن تي هو متفق ٿي ويا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته بشڪيڪ ايئرپورٽ تي انهن سان ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستاني شاگردن جي نمائندن صورتحال دوران پاڪستاني مشن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شاگردن ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي جي حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هن ڪ??غز??تان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مشورو ڏنو آهي ته هو انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پن??نجا نمائندا موڪلين. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ڪ??غز??تان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن تي اڳ ۾ ئي پي ايم ڊي سي ۽ ايڇ اي سي پاران سوال اٿاريا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف منهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ان ڳالهه جو جائزو ??ٺندي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند نوجوانن جي پاڪستان جي اعليٰ طبي تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ مقامي طور تي ڪيئن گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي.
بشڪيڪ معاملي تي پرڏيهي وزارت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪمپني جوڙي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔