اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نج??اري پروگرام جي حوالي سان حڪومت سمورين ڌُرين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير چيو ت?? پي آءِ اي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدمن جو سلسلو جاري آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندي. وزيراعظم اسلام آباد کان پوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ت?? بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ به قدم جاري آهن. ڊسڪوز جي ڪارپوريٽ گورننس ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڊسڪوز جي بورڊز ۾ نجي شعبي کي آندو پيو وڃي، نج??اري جي پورگرام تي ا??ان جي ا??حادي پارٽين سان مشاورت جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ