اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري من??وبي تحت سڪي ڪناري هائيڊرو پاور اسٽيشن جي بيڪ فيڊنگ جي ڪاميابي سان تڪميل مڪمل چڪي آهي. ڪالهه چائنا انرجي اوورسيز انويسٽمينٽ ڪمپني لم??ٽيڊ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انرجي چائنا، خيبرپختونخوا صوبي جي مانسهر ۾ درياءَ ڪنهار تي واقع ايس ڪي هائيڊرو پاور اسٽيشن چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت ”چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت هڪ اهم من??وبو آهي. هي پرڏيهي ملڪ چيني ڪاروباري ادارن طرفان گرين فيلڊ هائيڊرو پاور جي سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو من??وبو آهي ۽ انرجي چائنا طرفان سڀ کان اهم هائيڊرو پاور اسٽيشن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ايس ڪي هائيڊرو (پرائيويٽ) لم??ٽيڊ جي چيئرمين ۽ جنرل مينيجر ايڇ اي زينگفي بيڪ فيڊنگ جي حوالي سان ٻڌايو ته بيڪ فيڊنگ ايس ڪي هائيڊرو پاور اسٽيشن جي 500 ڪي وي سوئيچنگ اسٽيشن تي هاءِ وولٽيج جي اوزارن جي آپريشن هڪ اهم ڪاميابي آهي. مڪمل وولٽيج تحت پاور ٽرانسميشن جي عمل بيڪ فيڊنگ جي لاءِ آپريٽنگ طريقيڪار تي سختي سان عمل ڪيو، پوري لائين ۾ اوزار مستحڪم طريقي سان هلن ٿا ۽ سمورا اهڃاڻ ڪاميابي سان طئي ٿيل هدف حاصل ڪندي مڪمل ٿي ويا. ايس ڪي هائيڊرو پاور اسٽيشن پنهنجي ڪمرشل آپريشن جي تاريخ (سي او ڊي) جي ويجهو آهي ۽ هڪ ڀيرو آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ ان مان ساليانو سراسري طور 3.212 بلين ڪلوواٽ بجلي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو 10 لک پاڪستاني گهراڻن کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان جي بجلي ۽ توانائي جي ڍانچي تي نمايان اثر پوندو. ان من??وبي جو مقصد گهرج ۽ پهچ جي عدم توازن کي ختم ڪرڻ ۽ م??ڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ان من??وبي مقامي ماڻهن کي روزگار جا نوان موقعا به فراهم ڪيا آهن.
سڪي ڪناري هائيڊرو پاور اسٽيشن جي بيڪ فيڊنگ جي ڪاميابي سان تڪميل مڪمل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ