اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه تحت مين لائين ون منصوبي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي ڪوئيٽا جي دوري جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته بل??چستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو ??ڃي. دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته بل??چستان جي صوبائي حڪومت بل??چ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي. وفاقي حڪومت بل??چ نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بل??چستان حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه جي اهم منصوبي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي ريلويز ??ي وچ ۾ ايم ايل ون جي پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته حتمي معاهدو منظوري جي لاءِ ڪابينا آڏو ٻيهر پيش ڪيو ??ڃي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران سي پيڪ تحت مين لائين ون منصوبي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino