اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ت??قي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اح??ن اقبال چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي، جيڪڏهن سچو جذبو هجي، ڪجهه ڪرڻ جو عزم هجي ته ظاهر ۾ وسيلن سان مالا مال،ايراضي ۽ عددي لحاظ کان برتر هجڻ باجود به ڪو ملڪ يا قوم اوهان کي شڪست نٿي ڏئي سگه??، دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اح??ن اقبال چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪ فضائيه ڀارتي فضائيه کان عددي لحاظ کان گهٽ هجڻ جي باوجود ملڪي دفاع تي رهڙ نه اچڻ ڏني. هٿياربند فوج جي پرعزم جوانن ثابت ڪيو ته پاڪستان جو دفاع نه رڳو زميني محاذ تي پر ملڪ جي فضائي حدن تي به فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. اڄ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن جي آبادي تي ٻڌل قدرتي وسيلن سان مالا مال پاڪستان 6 سيپٽمبر جهڙي جذبي سان گڏ اسان کان انهي جذبي ۽ همت ۽ استقلال سان محنت جي گهر ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان ثابت قدمي، سياسي استحڪام سان درست رخ ۾ قومي جذبي سان معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجو سفر جاري رکيو ته انشاءُ الله 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بڻجڻ کان دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي.
6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری