اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي خاتون اول ۽ پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي گهرواريءَ بيگم ڪلثوم نواز جي ڇهين ورسيءَ تي کيس خراج ع??يدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته ڀيڻ ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جو ڏک اسان جو پورو خاندان نه ڪڏهن وسريو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن وساري سگهي ٿو. مادر جمهوريت ڪلثوم نواز جي ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪلثوم نواز بطور گهرواريءَ، ماءُ، ڀيڻ ۽ سياسي قائد، جرئت ۽ بهادري ۽ صبر ۽ استقامت جي نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي لاءِ هو هڪ فولادي ڍال هئي. آمريت جي خلاف سان قابل فخر ۽ يادگار تحريڪ سياسي تاريخ جو روشن باب آهي. اسلام، قرآن ۽ نبي اڪرم ﷺسان عقيدت ۽ ??حب?? ڪلثوم نواز صاحبه جو سڄي زندگي جو معمول رهيو. هو اوڀرندي جي روايتن ۽ قدرن جو پيڪر هئي، وڏن جو احترام، ننڍن سان شفقت ۽ سدائين دانائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي.
وزيراعظم پاران بيگم ڪلثوم نواز کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria