اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر مملڪت ??يو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آ??ف علي زرداري سريلنڪا جي قيادت ۽ عوام لاءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس